طغرل آباد

طغرل آباد: هيءُ ماڳ مڪليءَ جي ڏکڻ واري پاسي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. اتي اصل ۾ هندو دور جو قديم شهر ۽ قلعو هو، جنهن کي پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف حڪمران سڌاريندا ۽ سنواريندا آيا. هاڻي اڍائي سؤ سالن کان زبون ٿيندي دڙن جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. ’تحفة الڪرام‘ جي روايت آهي ته اهو شهر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو ۽ ان وقت شهر جو نالو ڪلاڪوٽ هو. سمن جي دؤر ۾ ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي نئين سر آباد ڪيو، جنهن ڪري نالو بدلجي تغلق آباد ٿيس. روايت آهي ته جڏهن سومرن جو شهر ’محمد طور‘ تباهه ٿيو، تڏهن ڪجهه وقت لاءِ سومرن به ان شهر کي آباد ڪيو ۽ پنهنجو تخت گاهه بڻايو. مغل دؤر جي هڪ امير طغرل بيگ به هن شهر جي مرمت ڪرائي. جنهن ڪري مٿس طغرل آباد نالو پيو. ڪلاڪوٽ واري نالي جو بگاڙ مسلمانن جي زماني ۾ ’ڪلاف ڪوٽ‘ ٿيو. سترهين صدي عيسوي جي آخر ۾ اهو قلعو ۽ شهر جون جايون سلامت هيون، جو مريد خان جڏهن 1689ع ڌاري ٺٽي جي حڪومت تان معزول ٿيو، تڏهن هندستان موٽڻ کان اڳ ڪجهه وقت اتي وڃي رهيو هو ۽ ڪجهه قدر قلعي توڙي جاين جي مرمت ڪرائي هئي. مرزا قليچ بيگ جي ڏندڪٿا مطابق ان شهر کي ’ڪلياڻ ڪوٽ‘ يعني آرام گاهه سڏيندا هئا. مرزا صاحب اهو به لکي ٿو ته اهو ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو ئي قديم آهي ۽ سڪندراعظم جي دؤر ۾ موجود هو. هڪ ٻي روايت آهي ته جڏهن سنڌ جي سومرن بادشاهن جو تخت گاهه محمد طور تباهه ٿيو، تڏهن هنن ڪجهه وقت لاءِ ڪلان ڪوٽ ماڳ کي پنهنجي گادي ٺاهيو. جڏهن سمن جو دور آيو، تڏهن فيروز تغلق هن ڪوٽ جي نئين سر مرمت ڪرائي. هن قلعي ۾ عمارتون، محل ۽ ماڙيون ٺهرايون ۽ انهن کي چڱي طرح سينگاريو، ان ريت هن ڪوٽ جو نالو بدلجي ’تغلق آباد‘ ٿيو. اها روايت به مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ ڏني آهي. هڪ حوالي موجب مرزا شاهه حسن 928هجري (1521ع) ۾ تخت نشينيءَ کانپوءِ ڄام فيروز کي شڪست ڏيڻ بعد تغلق آباد ۾ اچي آباد ٿيو. ٻئي حوالي موجب سن 998هه (1589ع) کانپوءِ مرزا جاني بيگ ٺٽي جو شهر خالي ڪري پنهنجي ڪٽنب سان اچي تغلق آباد ۾ رهيو. جتي هن اڳ ئي ڪلان ڪوٽ ٺهرائي (مرمت ڪرائي) ڇڏيو هو. 1099 هجري (1687ع) ۾ نواب مريد خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو ۽ تغلق آباد ۾ رهيو. هن پاڻ سان راجپوت آبادي وڏي تعداد ۾ آندي هئي. ڇاڪاڻ ته هو نو مسلم هئڻ سبب سخت گير نه هو، ان ڪري ٺٽي جي عالمن هن کي برداشت نه پئي ڪيو ۽ هن کي جلد ئي معزول ڪرايو.مير علي شير قانع ئي مڪلي نامه ۾ نشاندهي ڪري ٿو ته ان ماڳ جو نالو طغرل آباد به رهيو آهي. هو هڪ شعر ۾ لکي ٿو:
نظارها شيدا بود، دل را سودا بود
قانع تمنا ها بود، مر سير طغرل بادرا.
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته، ”طغرل بيگ ان قلعي جي مرمت ڪرائي، جنهن کانپوءِ ان ڪوٽ جو نالو بدلجي طغرل آباد ٿي ويو.“


لفظ طغرل آبادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو